وشنو ڀاٽيا

وشنو ڀاٽيا

ڀاٽيا وشنو

ڀاٽيا، وشنو: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ وشنو ڀاٽيا، 21 اپريل 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي وقت مائٽن سان گڏ سنڌ ڇڏي ممبئيءَ هليو ويو. سندس تعليم انٽر آرٽس، رتن (هندي) ۽ ڪوويد (سسنسڪرت) آهي. ڀارت ۾ هن مهل تائين هُن انيڪ ڪهاڻيون، ناول، مضمون، ناٽڪ لکيا ۽ شاعري ڪئي آهي. هو ڪيترين ئي اخبارن هندستان، هندواسي ۽ ماهوار رسالن جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. جن ۾ ’شانتي‘ (1944ع کان 1947ع تائين)، ’ڪونج‘ (1971ع کان 1970ع تائين) ۽ ’فلم ۽ فئشن‘ (1949ع کان 1970ع تائين) شامل آهن. جڏهن ته هڪ وڏي عرصي تائين ’سنڌُو سماچار‘، ’سنڌو سنسار‘، ’جھولي لال‘، ’يگ ڌارا‘ ’ڪونج‘، ’سِپون‘ ۽ ’ڪاڪو ڪندن‘ ۾ هفتيوار ڪالم، ڪهاڻيون ۽ ادبي مضمون به ڇپائيندو رهيو. اکل ڀارت سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت سڀا جو 1974ع کان 1978ع تائين سيڪريٽري به رهيو آهي. سندس ڪهاڻين جا 1، ناول 4 ۽ مضمونن جا 2 ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ناول ”سمرتين جو سڀاءُ“ ڏاڍو مقبول ٿيو. سندس انيڪ رچنائن جو هندي، انگريزي، گجراتي، مرهٽي، مليالم، ڪنڙ ۽ تيلگو ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ڪتابن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن: (1) ”درد ڀري دل“ (1963ع)، (2) ”دل جي بستي“ (ڪهاڻيون: 1965ع)، (3) ”چندر مکي“ (ڪهاڻيون: 1965ع)، (4) ”سوال“ (ناول: 1976ع)، (5) ”زندگي جا ڪنارا“ (ناول: 1969ع)، (6) ”سج جا ٽڪرا“ (ڪهاڻيون: 1973ع)، (7) ”ديوار ۽ تاس جا پتا“ (ڪهاڻيون: 1977ع) ۽ (8) ”ساهت جا سوال“ (مضمونن جو مجموعو: 1976ع)، (9) ”رشتن جو انت“ (ڪهاڻيون: 2001ع). هن جا ناٽڪ (1) بيبو او بينو، (2) اک ڦڙڪي، دل ڌڙڪي، (3) نندن ڪر نندن ڏاڍا مشهور ٿيا. کيس اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ سڀا پاران 1995ع ۾ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ به مليو آهي. پاڻ هن وقت ممبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ شگر جي تڪليف سبب پير ۾ زخم ٿي پيس، جنهنڪري ڊاڪٽرن سندس هڪ پير ڪٽيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو